جروار ڊاڪٽر صوبدار جو ڪتب خانو

جروار، ڊاڪٽر صوبدار جو ڪتب خانو: ڊاڪٽر صوبدار جروار شهدادڪوٽ جي مذهبي سياسي ۽ سماجي شخصيت آهي. هن طالب علمي جي زماني کان ئي علم ۽ ادب سان غير معمولي لڳاءُ هئڻ عيوض پنهنجو وڏو ڪتب خانو قائم ڪيو. هن ڪتب خاني ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪتاب موجود آهن، جيڪي اڪثر اسلاميات ۽ سياست جي موضوع تي لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ گهڻائي سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي ڪتابن جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو